پير ابو محمد صالح شاهه جيلاني

پير ابو محمد صالح شاهه جيلاني: پير صالح شاهه جيلاني 1870ع ۾ راڻيپور ۾ ڄائو. هو درگاهه راڻيپور جو سجاده نشين، بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس درگاهه کي ’دستگير جو دروازو‘ سمجھيو ويندو آهي، جتي پيري مريديءَ وارو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. هن سياست ۾ به حصو ورتو، خلافت تحريڪ ۾ هن انگريزن جي حق ۾ جاري ڪيل فتوا تي صحي ڪئي هئي ۽ انگريزن جي وفادارن مان هڪ هو. جڏهن خلافت تحريڪ شروع ٿي ته، اُن تحريڪ جي خلاف انگريزن ’امن سڀا‘ نالي جماعتون ٺهرايون، جن جو سڀ کان وڏو ميڙاڪو راڻيپور ۾ هن ئي ڪرايو، سيد صالح محمد شاهه ڪافيءَ جو سٺو شاعر هو. سندس شاعري سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ آهي. هن 1943ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس مزار راڻيپور ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو